دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳ??پن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ام??ر شيخ تميم بن حمد الثاني سان دوحه ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ – قطر لاڳ??پن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ نئين ممڪن تعاون تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين گڏيل اقتصادي هدفن ۽ علائقائي استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي اسٽريٽجڪ ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي اسرائيل پاران بيگناهه فلسطينين جي خلاف جاري نسل ڪشيءَ جي جنگ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 24 سيپٽمبر 2024ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سالياني اجلاس دوران قطر جي ام??ر پاران پيش ڪيل فلسطين جي معاملي تي قطر جي موقف کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي جي لاءِ قطر جي ثالثي ۽ ??نس??ني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه م قتل عام جي فوري خاتمي ۽ ام?? قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ خوشحالي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي تازي ڏاڍ جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم قطر جي ام??ر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو قطر جو دورو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل مضبوط ٿيندڙ حصيداري ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.