اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا. اها ڳالهه هن ??هني صحت جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر ??يو ته اڄ اسان ذهني صحت بابت بيداري ۽ ضرورتمندن کي مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت لاءِ دماغي صحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هن ??ال جو موضوع ”ڪم تي ذهني صحت“ ڪم جي صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ جي ا??مي?? کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو ذهني صحت جي حفاظت ۽ مدد ڪري ٿو. هن ??يو ته صحت جي عالمي اداري موجب دنيا جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي افرادي قوت ۾ شام?? آهي، ان لاءِ ڪم جي جڳهه تي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي. صدر ??يو ته ڪم جي جڳهه هراسمينٽ ڪرڻ ۽ ڪم جون خراب حالتون نه رڳو پورهيتن جي ذهني صحت کي متاثر ڪن ٿيون پر پيداواري صلاحيت ۾ پڻ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته آجر ۽ ٻيون ڌريون ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ صحتمند ۽ سازگار ڪم جو ماحول ٺاهين. هن ??يو ته پاڪستان ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هِن نيشنل مينٽل هيلٿ هيلپ لائين (1166) جي شروعات ڪئي آهي جيڪو پهچ جوڳي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي عزم کي واضح ڪري ٿو. صدر ??يو ته اها هيلپ لائين ماڻهن کي ضروري خدمتن بشمول مقامي علاج جي سهولتن ۽ سپورٽ نيٽ ورڪ سان ڳنڍي ٿي. وڌيڪ اهو ته پاڪستان کي اهڙو پهريون ملڪ هجڻ تي فخر آهي جنهن ??نيادي صحت جي سارسنڀال ۽ ڪميونٽي ٻنهي سطحن تي ذهني صحت سميت ضروري صحت جي خدمتن جي لاءِ پئڪيج تيار ڪيو آهي. هن ??يو ته ٻين اهم قدمن ۾ ذهني صحت جي لاءِ هڪ قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ شام?? آهي جيڪو نگراني فراهم ڪري ٿو، ذهني تندرستي کي فروغ ڏيڻ ۽ ذهني مرضن کان متاثر ماڻهن ??ي بهتر سارسنڀال ۽ انساني حقن جي وڪالت ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري ??يو ته اسان مسئلي جو جلد پتو لڳائڻ جي لاءِ ذهني صحت جي تعليم کي پڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيتي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي. هن ??يو ته اسان پنهنجي قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ ??يو ته ان ڏينهن هر هڪ کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ، پنهنجي پيارن سان ڳنڍي رکڻ ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ باقاعده جسماني سرگرمي ۾ مشغول رهڻ جي ترغيب ڏي ٿو. هن ??يو ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا.