ڪراچي-19 سيپٽمبر(اي پي پي) برطانيه جي ڊ??ٽي هاءِ ڪمشنر ساره موني چيو آهي ته پاڪستان جي بليو اڪانومي جي صنعت کي پوري صلاحيت موجب استعمال ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ان ۾ 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي آمدني پيدا ڪر?? جي صلاحيت آهي. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن ميري ٽائيم جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ميري ٽائيم ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽوريٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن (ڊي اي پي ايم) جي تعاون سان مقامي هوٽل ۾ ??نع??د سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي ارم تنوير ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي تي سي اي او ڪيئر پاڪستان جي وائيس چيئرمين ڪيپٽن علي ??صغر خان پنهنجي تقرير ۾ ميري ٽائيم ڊي جي اهميت ۽ سيمينار جي مقصدن تي تفصيلي ??وشني وڌي. برطانيه جي ڊ??ٽي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪراچي ميري ٽائيم جي حوالي ??ان لامحدود صلاحيتون رکندڙ شهر آهي، پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ قومي معيشت ۾ بليو اڪانومي کي شامل ڪر?? انتهائي اهيمت وارو آهي، پاڪستان وٽ 1001 ڪلوميٽر جي سامونڊي ??ٽي آهي، جيڪا سامونڊي جانورن، ٻوٽن ۽ معدني وسيلن جي ڪيترن ئي قسمن جو گهر آهي. هن چيو ته ايس او ايل اي ايس ڪنوينشن سامونڊي حفاظت لاءِ اسان جي جاري وابستگي جو ثبوت آهي. هن چيو ته هن سال جو ٿيم ”مستقبل ۾ نيويگيٽنگ سيفٽي فرسٽ“ ميري ٽائيم سيفٽي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته برطانيه وٽ دنيا جي ڪجهه مشهور بحري سکيا جون سهولتون آهن، جن ۾ وار شاس ميري ٽائيم اسڪول ۽ سٽي آف گلاسگو ڪاليج شامل آهن، جيڪي اعليٰ درجي جي ميري ٽائيم پيشيور ماڻهن کي تيار ڪر?? ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جيڪي عالمي سطح تي اسان جي اعليٰ حفاظي معيارن کي اڳتي وڌائين ٿا. هن چيو ته جهاز ري سائيڪلنگ تي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي توثيق ڪر?? تي پاڪستان کي به مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿي. پي آءِ ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هڪ هزار ڪلوميٽر ساحلي ??ٽي سان پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ آهي. موسمياتي تبديلي ??ي حوالي ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي ??سان جي سامونڊي، ساحلي ??طن ۽ ڪميونٽيز لاءِ گهري نقصانن سان گڏوگڏ عالمي چئلينج آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور پاڪستان ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي قومي پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن کي بليو اڪانومي جي قدمن جن ۾ پائيدار ماهيگيري، سامونڊي قابل تجديد توانائي ۽ سامونڊي حياتياتي تنوع جو تحفظ شامل آهي. هن چيو ته 2015ع جي قومي ٻيلن جي پاليسي جو مقصد اسان جي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪر?? آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت هڪ باخبر معاشري کي ??ٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا جي ترقي کي اڳتي وڌائي ان قومي ڪوششن جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ جي پاڪستان برانچ، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ شپ بروڪرز، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف لاجسٽڪ اينڊ ٽرانسپورٽ ۽ پاڪستان مرچنٽ نيوي آفيسرز ايسوسيئيشن جو ان اهم تقريب ??نع??د ڪر?? جي ڪوششن تي دل جي گهراين سان شڪريو به ادا ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وزارت طرفان وڊيو به هلائي وئي جنهن ۾ ساحلي ورثي جو هڪ اهم مينگروو جي ماحولياتي نظام کي محفوظ رکڻ جي اهميت کي واضح ڪيو ويو ته مينگرووز طوفان خلاف قدرتي رڪاوٽن طور ڪم ڪن ٿا، ساحلي ??باهي کان بچائي ٿين ۽ عالمي موسمياتي تبديلين کي گهٽ ڪر?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.