اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشا رضا ??ار??ق چيو آهي ته ملڪ جي 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان جاري آهي ۽ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق عائشا رضا ??ار??ق چيو ته پوليو وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليو م??م ڪاميابي سان جاري آهي. جاري پوليو م??م ۾ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوليو پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان پوليو جي خاتمي جو حتمي پلان جوڙيو آهي. پلان مطابق سيپٽمبر، آ??ٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ 3 مهمن ذريعي وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو م??صوبو تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي. ڪوالٽي وارين 03 پوليو م??من ذريعي ان وائرس جي پکيڙ کي روڪي محدود ڪري ڇڏينداسين. عائشا رضا ??ار??ق چيو ته سيپٽمبر مهم جي هدف مطابق 2 لک 85 هزار پوليو ورڪر گهر گهر پوليو م??م ۾ سمورن ٻارن جي ڪوريج کي يقيني بڻائي رهيا آهن، وڌيڪ ٻه مهمون آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ منعقد ڪيون وينديون. ٿڌي موسم ۾ سائنٽيفڪ حڪمت عملي سان ان جو خاتمو ڪنداسين. جون 2025 تائين بهترين حڪومت عملي سان پوليو تي ضابطو آڻينداسين.