اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ دي ڊپلوميٽ رسالي ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جو دورو پاڪستان جي حوالي سان شايع ٿيل آرٽيڪل کي غلط، بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي، ته رسالي پ??هن??ي آرٽيڪل ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان لاڳاپا خراب ڪ??ڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پ??هن??ي پوسٽ ۾ دي ڊپلوميٽ رسالي جي شايع ٿيل آرٽيڪل تي پ??هن??ي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي پر??يهي پاليسي تي اهڙي طرح جا حملا ڪامياب نه ٿيندا. آرٽيڪل ۾ ڏنل تاثر بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهي جيڪو پاڪستان جي عوام جي جذبن جي عڪاسي نٿو ڪري. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر به دي ڊپلوميٽ رسالي ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان شايع ٿيل آرٽيڪل کي گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پ??هن??ي پوسٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل ڪوڙ ۽ حقيقتن ??ان هٽي ڪري لکيو ويو آهي. پر??يهي شخصيتن جو دورو پورو سال جاري رهي ٿو، ڄاڻايل آرٽيڪل ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جو دورو ۽ دهشتگردي جي واقعن وچ ۾ گمراهي پکيڙيندڙ ربط پيدا ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هي آرٽيڪل گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد آهي.