ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، انهن جو خاتمو پاڪ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي، پاڪ??تا?? جي آئين کي مڃيندڙن ۽ جهنڊي کي سلام ڪندڙن سان ئي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، بيوروڪريسي ب??وچ??تا?? اچڻ کان لهرائي ٿي ۽ بهانا بڻائي ٿي، بلوچ??تا?? ۾ بيوروڪريسي جي مقرري جي حوالي سان پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تحت انهن کي هتي مقرري دوران مراعتون پڻ ڏنيون وينديون. نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي پڄاڻي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومت جيڪو روڊ ميپ جوڙيو آهي ان تي عملدرآمد سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو، دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن سان رعايت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، انهن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ اسان سڀني جو گڏيل، سياسي ۽ ديني فرض آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جي آئين کي مڃيندڙن ۽ قومي جهنڊي کي سلام ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت جي گهرج آهي جڏهن ته دهشتگردن ۽ آئين کي مڃيندڙن ۾ فرق جي ضرورت آهي هن چيو ته دهشتگردن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، انهن جو خاتمو پاڪ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي. هن چيو ته بلوچ??تا?? ۾ بيوروڪريسي جي مقرري جي حوالي سان پاليسي آندي پئي وڃي، ايماندار ۽ قابل آفيسرن جو پنهنجي ضلعن ۾ موجود هجڻ ضروري آهي، بيوروڪريسي ب??وچ??تا?? اچڻ کان لهرائي ٿي ۽ بهانا بڻائي ٿي، اسان بلوچ??تا?? ۾ تازن واقعن کانپوءِ بيوروڪريسي جي صوبي ۾ مقررين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان حوالي سان پاليسي جوڙي آهي جنهن تي صوبائي حڪومت سان گڏجي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ ان تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، ان حوالي سان اسان کي هڪ صفحي تي ٿيڻو پوندو. هن ٻڌايو ته 48 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ شريڪ اڌ آفيسرن جي فوري طور تي هڪ سال جي لاءِ بلوچ??تا?? ۾ مقرري عمل ۾ آندي ويندي جن کي ٽه ماهي ب??يادن تي چار ايئر ٽڪيٽ ڏنيون وينديون جڏهن ته انهن جي ڪارڪردگي جي ب??ياد تي انهن کي ٽي اضافي پوائنٽس پڻ ڏنا ويندا. هن ٻڌايو ته 48 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي باقي رهيل آفيسرن کي ڇهن مهينن جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ هڪ سال کانپوءِ 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن کي هڪ سال ۽ ڏيڍ سال کانپوءِ ان گروپ جي باقي اڌ آفيسرن کي هڪ سال جي لاءِ بلوچ??تا?? ۾ مقرر ڪيو ويندو، ان پاليسي تي فوري طور تي عمل ڪنداسين، ان ۾ ڪو اگر ??گر قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ان قدم جا ڏورس اثر پوندا، چمن بارڊر تي پاسپورٽ اسٽاف ٻيڻو ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر سائبر بلوچ??تا?? جي مقرري جلد ٿيندي. هن چيو ته سماجي ۽ ترقياتي پروگرام پڻ ضروري آهي جڏهن ته شفافيت جو عَلم بلند ڪري ب??وچ??تا?? جي وڏي وزير جنهن رستي تي هليو آهي ان سان تعمير ۽ ترقي جو انقلاب اچي سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچ??تا?? جي احساس محرومي ختم ڪرڻ جي لاءِ 27 هزار ڪلوميٽر رستا ٺاهيا ويندا، 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچ??تا?? صوبي جو حصو ٻيڻو ڪيو ويو، سڀ کان وڌيڪ پنجاب پنهنجي حصي جي بجيٽ بلوچ??تا?? ک?? ڏني، 14 سالن ۾ 160 ارب رپيا اضافي ب??وچ??تا?? کي مليا. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت، چيڪ اينڊ بيلنس ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچ??تا?? ۾ پاڪ??تا?? جا دشمن سي پيڪ، پاڪ – چين دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جا خواهشمند آهن، بلوچ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، گوادر بندرگاهه ترقي ۽ خوشحالي جو بهترين منصوبو آهي، اتي ڌرڻا هنيا ۽ حملا ڪيا پيا وڃن، اهڙا قدم کڻندڙن کي ترقي ۽ خوشحالي جو ڪو فڪر نه آهي، اسان جو عزم آهي ته 50 سيڪڙو روانگي واپار گوادر بندرگاهه جي ذريعي ٿئي ته جيئن اها بندرگاهه فعال ٿئي، هتي روزگار جا موقعا پيدا ٿين، ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته اسان کي پاڪ??تا?? جي دشمنن جو متحد ٿي خاتمو ڪرڻو پوندو، ٻاهر ويهي باهه لڳائيندڙن جا سمورا منصوبا خاڪ ۾ ملائينداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ??تا?? 80 هزار جانين ۽ 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کنيو، بدلي ۾ پاڪ??تا?? کي رڳو 20 ارب ڊالر مليا، ايتريون قربانيون دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ نه ڏنيون، انهي جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ٿيو ۽ امن قائم ٿيو، اسان جي عزم جو ان کان وڏو ڪو مثال نه آهي. هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جا مثبت اثر پوندا، اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي، اسان جو عزم آهي ته سياسي حڪومت، فوج ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي هلنديون ته ملڪ پرامن ۽ خوشحال ٿيندو.