اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان حڪ??مت پاران سپريم ڪورٽ ۾ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪورٽ ۾ اضافي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمن ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي راءِ جي روشني ۾ دليل ڏيندو جڏهن ته ڪابينا واپار واري وزارت ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري واري وزارت جي وچ ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي مفاهمت?? يادداشت تي صحيحون، ”پرائيم منسٽر اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني“ جي قيام ۽ ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جا آپريشنز نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا کي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته و??ير??عظم جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 17 آگسٽ 2024ع تي هڪ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ت?? ان ڪيس جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ٿيو ۽ اهو معاملو قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪ??مت ۽ مخالف ڌر پارٽين متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلي وفاقي حڪ??مت کي اهو چوندي ت?? ان ڪيس جي واقعاتي ۽ قانوني رخن ۽ عالمن جي راءِ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ حڪ??مت پاران درخواست داخل ڪئي وڃي. ان حوالي سان و??ير??عظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن کانپوءِ و??ير??عظم جي هدايت موجب حڪ??مت پاران سپريم ڪورٽ ۾ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي. و??ير??عظم جي هدايت موجب اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪورٽ ۾ اضافي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پيش ٿيندو ۽ پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمن ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي راءِ جي روشني ۾ دليل ڏيندو. و??ير??عظم ان حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي وچ ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي مفاهمت?? يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 42 جي روشني ۾ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت قومي ڪميشن تحت ”پرائيم منسٽرز اسڪلز ڊيولپمينٽي ڪمپني“ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مٿي ڄاڻايل ڪمپني جو قيام فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ فنڊز گڏ ڪرڻ، فنڊ مئنيجمينٽ ۽ ان فنڊ تحت مختلف تربيتي پروگرام لاڳو ڪرڻ آهي. و??ير??عظم جي هدايت جي روشني ۾ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت قومي ڪميشن جي آپريشنل ۽ ريگيوليٽري معاملن کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان ان ڪمپني جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جنهن کانپوءِ پرائيم منسٽرز اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي آپريشن معاملن کي ڏسندي جڏهن ته فني ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت قومي ڪميشن ريگيوليٽري معاملن کي ڏسن??ي. ??فاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جا آپريشنز نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان قومي صحت واري وزارت ۽ دفاع واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت?? يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا حڪ??متي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 12 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 15 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.