ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي ??ڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئيٽا ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ??دا??ن جي ??اڳاپيل عملدارن کي هد??يت ڪئي ته حڪومتي ??دا??ا بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي ??اءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عوام جي ??سئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي ??ئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي ??راهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي ??ڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئين رجسٽريشن مرڪزن جي ??يام سان عوام کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي ??اءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئين رجسٽريشن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان عوام خاص طور تي وڏي عمر جي ??اڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.