اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??اد?? سان دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت م??تر??ه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت م??تر??ه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پارلياماني اقت??اد?? ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپورٽ لاءِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن لاءِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذه??نت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت م??تر??ه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذه??نت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت م??تر??ه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت م??تر??ه جون دولت م??تر??ه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت م??تر??ه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت م??تر??ه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ دولت م??تر??ه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قو??ي اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.