سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪ??مير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄ??ون ڪشمير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄ??ون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄ??ون ڪشمير جي خاص ??يثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪ??مير ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل جماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ ب??ان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ايس ايس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حقن کي غصب ڪيو آهي. ڄ??ون ڪشمير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظربندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظربندي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.