اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير 14 آگسٽ تي ملهائجندڙ آزادي جي تقريبن جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ سي ڊي اي جو دورو ڪيو. اطلاعات، نشريات، قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 14 آگسٽ کي آزادي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا سندس شاندار استقبال ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ( آءِ سي ٽي)، ايڊمنسٽريٽر (ايم سي آءِ) ۽ سي ڊي اي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي ”آزادي فيسٽ“ طور ملهائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام ۾ حب الوطني جي جذبي کي زندهه ڪرڻ آهي. هلندڙ سال ”آزادي فيسٽ“ ۾ پرچم ڪشائي، ميوزيڪل ڪنسرٽس، فوڊ فيسٽيول، مختلف پاڪستاني ثقافتن جي نمائش، مختلف شوز، آتش بازي ۽ اسلام آباد جو پهريون ??رو?? شو شامل هوندو. انهن تهوارن کانسواءِ شهر جي خصوصي رنگ روغن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ اسلام آباد جي سرڪاري شو بنڪر مارگو (MarGo Official Mascot of Islamabad) جي ذريعي براڊنگ، مارگلا جي نمائندگي ڪندڙ ”مار“ ۽ خوشحالي جي علامت ”گو“ شامل آهن. ”آزادي فيسٽ“ کي هڪ ميگا ايونٽ بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز کي مختلف سرگرمين کي اسپانسر ??رڻ جي لاءِ گهرايو ويندو. جنهن ۾ ميوزيڪل ڪنسرٽس، لائٽنگ جا انتظام، وڻڪاري مهم، تقريبن دوران سٽي برانڊنگ ۽ ??رو?? شو شامل آهن. ايونٽ جي اسپانسرز کي خصوصي موقعا ۽ مفت جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اهي پن??نج?? تعاون سان گڏوگڏ انهن جي برانڊ اميج کي پڻ ظاهر ڪري سگهن. اجلاس چيئرمين محمد علي رنڌاوا پاران وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ڪامياب ??ڻائڻ ۾ سندس دوري ۽ تعاون تي ٿورا مڃيندي پڄاڻي تي پهتو.