اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته وزيراعظم اسرائيلي اڳرائي جي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، فلسطينين جي امداد لاءِ هڪ هزار ٽن امدادي سامان روانو ??يو ويندو، اسرائيلي شين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ??ميٽي قائم ڪئي وئي آهي، مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ظلم روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن ٿي س??هيو اهو ڪنداسين. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ تحرڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ٽي ايل پي فلسطين جي مظلوم مسلمانن ٿيل ڏاڍ تي احتجاج طور فيض آباد ۾ موجود آهي، ان سان اسان جون ڳالهيون ٿيون آهن، ٽي ايل پي جي امير حافظ سعد حسين رضوي جي قيادت ۾ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي امداد ۽ اسرائيلي اڳرائي جي ظلم بابت مطالبا هئا، حڪومت ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون اڳ ئي جاري رکيو ويٺي هئي، انهن طرفان ڌيان ڏيارڻ سان ڪجهه معاملا سامهون آيا آهن، حڪومت فلسطين جي مسلمانن لاءِ ??وششن نه رڳو جاري رکندي پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان 31 جولاءِ ??ان پهرين فلسطين روانو ??يو ويندو. امدادي سامان ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ دوائون ۽ ميوا به شامل هوندا. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست طور سامهون آيو آهي، اسان جو دنيا کان مطالبو آهي ته ا?? کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مسلمان امت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي ڪانفرنس سميت هر فورم تي اسرائيلي اڳرائي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي ۽ آئنده به هر فورم تي حڪومت ان جي مذمت جاري رکندي. هن چيو ته سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اسرائيلي شيون جيڪي هن ڏاڍ ۽ ظلم ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون هونديون انه?? کي رو??يو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ اسان جي وچ ۾ انهن سمورن معاملن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان ٽي ايل پي جي ان جذبي کي ساراهيون ٿا ۽ پوري س??ي نيت ۽ ايماني واري جذبي سان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم?? کي روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي س??هيو اهو ڪنداسين، حڪومت زخمي فلسطيني?? کي دوائن جي فراهمي سميت اتي ڊاڪٽرز به موڪلڻ تي غور ڪندي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته اسان جي اسپتالن ۾ فلسطيني زخمي?? کي آڻي انهن جو علاج ??يو وڃي. اهڙي طرح فلسطيني شاگردن لاءِ به اسان جي تعليمي ادارن جا دروازا کليل آهن. هن چيو ته اسان عالمي دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته فلسطين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسرائيلي اڳرائي جي مذمت سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به اسان جي وچ ۾ ورجاءُ ٿيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي اسان جي ڀيڻ هڪ عرصي کان مصيبت ۾ ورتل آهي، ان حوالي سان اسان جون ڪوششون لاڀائتيون نه ٿي س??هيون، هڪ ملڪ جيڪو انساني حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو ا?? کي ان معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي، اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ به وڌيڪ ڪوششون ڪنداسين.