اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) حيدرآباد ضل??ي ۾ واقع ڪنر ويل -11 جي ڪامياب بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان کوهه مان 960 بيرل ڏهاڙي تيل حاصل ڪيو پيو وڃي. او جي ڊي سي ايل مان جاري بيان موجب ڪنر ويل -11 او جي ڊي سي ايل جي ڪنر آئل فيلڊ جو حصو ۽ ڪنر مائننگ ليز ايريا اندر واقع آهي جتي او جي ڊي سي ايل جي ش??اڪ?? 100 سيڪڙو آهي، اهي قدم ڪمپني جي پيداوار وڌائڻ جي عزم ۽ پڪي کوهه جي بحالي ۾ ج??يد فن جي موثر هجڻ کي اجاگر ڪري ٿو. ٻئي طرف کوهه 11 مان تيل جي پيداوار ملڪي ام??ورٽ بل ۾ ساليانو 30.19 ملين ڊالرن جي خاطر خواهه بچت جي ام??د آهي. ان بچت سان قوم جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ توانائي جي وسيلن جي قابل اعتماد فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.