اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران ج?? صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس ۾ ايرا??ي صدر جي اچڻ تي باضابط آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ج?? صدر جي شاندار آجيان ڪئي جنهن کانپوءِ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايرا??ي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻن??ي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وفاقي ڪابينا جي ميمبر?? جو ايران ج?? صدر سان تعارف ڪرايو ويو. ايرا??ي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متعارف ڪرايو. ايرا??ي صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف “ڌرتيءَ جي ڏينهن” جي مناسبت سان ٻوٽو پڻ هنيو.