اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي ??يڙ??ڪاري سان نه رڳو گهري قابل قدر حصيداري کي سگهه ملندي پر اهو علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. هو خصوصي ??يڙ??ڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فورم کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فر??ان آل سعود جي قيادت ۾ دورو ڪندڙ اعليٰ سطحي سعودي وفد شرڪت ڪئي. دوري ڪندڙ وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وزير انجنيئر عبدالرحمان عبدالامحسن آل فضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير بندر ابراهيم آلخريف، ??يڙ??ڪاري وارو خصوصي وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه محمد مازياد التويجري ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته موجوده حڪومت جو هدف ??يڙ??ڪاري خاص طور تي سعودي عرب جي ??يڙ??ڪاري جي لاءِ پرڪشش ماحول پيدا ڪندي پاڪستان کي اقتصادي سرگرمي ۽ جدت رکندڙ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ سعودي ??يڙ??ڪاري گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ سعودي ??يڙ??ڪاري کي قدر ۽ اداراجاتي نظام جي لاءِ ذريعي جي طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري اسلامي ورثي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا قائم آهن ۽ سعودي وفد جي دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ پائيدار رابطن کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سان پراڻي ۽ آزمايل دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم عنصر آهي، ان جو مقصد روايتي طور تي ڀائراڻن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن وفد کي ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي پليٽ فارم جو مقصد ??يڙ??ڪاري جي حوالي سان لاڳاپيل عمل کي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ ۽ فيصلاسازي کي موثر بڻائڻ آهي. هن چيو ته بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏيڻ، ر??گي??ليٽري فريم ورڪ کي هموار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سڌي سنئين غيرملڪي ??يڙ??ڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار عمل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪائونسل جو مرڪزي ڪردار آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان زرخيز زرعي زمين، فعال افرادي قوت، معدني وسيلن، متحرڪ آءِ ٽي سيڪٽر، شمسي، هائيڊرو ۽ ونڊ جهڙي قابل تجديد توانائي جي وڏن امڪانن سان مالامال آهي. هن چيو ته پاڪستان جي زرخيز زمين زرعي ٽيڪنالاجي ۽ فوڊ پراسيسنگ ۾ تمام گهڻا موقعا فر??هم ڪيا آهن. پاڻي وسيلن جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ پاڪستان جي لاءِ ريجنل فوڊ باسڪيٽ بڻجڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪ جي کاڻين جي شعبي خاص طور تي تانبي، سون ۽ قيمتي معدنيات سان معروف ٽٿيان بيلٽ ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن مان به اڃا تائين فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ڌرين کي دستياب وڌيڪ موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.