اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعو پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، وزيراعظم واقعي جي مڪمل جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردي جي خاتمي تائين سک ??ان نه ويهنداسين، پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق جون سموريون ڌريون هڪ پيج تي آهن، ڪنهن کي پاڪستان جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪ چين دوستي انشاءَ الله قائم رهندي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن بشام ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، اهو واقعو پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش هئي. هن چيو ته چين پاڪستان جو آزمايل دوس?? آهي، هر مشڪل وقت ۽ عالمي فورمز تي چين سدائين پاڪستان ??ان گڏ بيٺل رهيو. هن چيو ته سي پيڪ ملڪ ۾ معاشي ترقي جو ضامن آهي، سي پيڪ جي ڪري ا??ان جي جي ڊي پي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، ان ??ان ملڪ ۾ روزگار جا لکين نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ڪالهه جي واقعي کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سموريون مصروفيتون ختم ڪري چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ چيني سفير ??ان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن يچو ته وزيراعظم چين جي سفير کي دهشتگردي جي واقعي جي مڪمل جاچ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. وفاقي وزير چيو ته ا??ان چيني ڀائرن ??ان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا، اهڙا واقعا پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي. پاڪ چين دوستي انشاءَ الله قائم رهندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ سيڪيورٽي جي حوالي ??ان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز، گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ قوم کي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جي سالميت ۽ مفاد تي وفاق جون سموريون ڌريون هڪ پيج تي آهن، ا??ان پنهنجو ۽ پنهنجي پراڻي دوستن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ان حوالي ??ان اجلاس ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ويو جنهن گوادر، تربت واقعن ۾ وڏي جرئمندي ??ان قيمتي جانين جي زيان کي بچايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جيڪا حڪمت عملي ٺاهي ويندي ان جي لاءِ پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن جو ٺوس مڪينزم ٺاهيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ چيني شهرين جي مارجڻ جي واقعي جي جاچ جي حوالي ??ان جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ تي پڻ مشاورت ٿي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جا حوصلا بلند هئا ۽ سڀ هڪ پيج تي هئا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 2013ع ۾ جڏهن ا??ان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته روزانو دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا هئا پر 2018ع ۾ ا??ان هڪ پرامن پاڪستان ڇڏي وياسين. هن چيو ته ا??ان جو واضح پيغام آهي ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سک ??ان نه ويهنداسين، دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته چيني قوم ۽ قيادت جي لاءِ ا??ان جا جذبا آهن، هي اها قوم آهي جنهن پاڪستان جو هر محاذ تي ساٿ ڏنو، ا??ان انهن جي ڏک ۾ برابر جا شري?? آهيون ۽ انهن واقعن جي روڪٿام جي خاطري ڪرايون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن کي پاڪستان جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ا??ان پنهنجي سمورن پاڙيسرين ??ان سٺا لاڳاپا چا??يو?? ٿا، ا??ان ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملن جي حل تي يقين رکون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي ??ان ايس او پيز موجود آهن. هن چيو ته چيني شهرين جون ٻه ڪيٽيگريز آهن هڪ سي پيڪ ٻي ٻين منصوبن تي ڪم ڪن ٿا، ٻنهي کي سيڪيورٽي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته باني پي ٽي آءِ، عثمان بزدار ۽ محمود خان کي نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ کان ڪنهن روڪيو هو؟ عمران خان جي حڪومت ان تي ڌيان ڇو نه ڏنو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي لاءِ جذبن کان پوري قوم واقف آهي، چين ??ان ا??ان جا لاڳاپا اڄ جا نه آهن، پر ڏهاڪا پراڻا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو ڪنداسين، اڄ جي اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پڻ وڊيو لنڪ ذريعي موجود هو، هن به سموري موقف جي تائيد ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي ??ان سٺن جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان معاملي تي پوري قوم هڪ پيج تي آهي، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي جوانن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون، انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف گوادر جي لاءِ سيف سٽي پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو هو، هن بلوچستان جي وڏي وزير کي چيو آهي ته هو ان تي ڪم شروع ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين اپريل تي شروع ٿي رهيو آهي، ان ۾ چيني شهرين جي افسوسناڪ واقعي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. مخالف ڌر کي به چونداسين ته اها ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.