ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال جي بج??ٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، معيشت ج?? بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ۾ وفاقي حڪومت ج?? ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته معيشت ج?? بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ پاڻي جي پهچ جي پراڻي مسئلي جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي. هن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي سنڌ حڪومت ج?? مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ ۽ ايندڙ سال جي بج??ٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ بج??ي چوري جي خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت ج?? عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم کي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ نج?? حصيداري تحت ٺهندڙ ڪامياب منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڻي وسيلن، مواصلات، اوڳاڙين، توانائي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي.