اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ادب جا معمار“ جي مهورتي تقريب جي موقعي تي چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب گهڻ رخي ٻوليون رکندڙ، گهڻا مذهبي عقيدا رکندڙ ۽ گهڻ نسلي آهي جنهن ڪيترائي مشهور اديب پيدا ڪيا ۽ ??لي بابا انهن ما?? هڪ هو. سنڌ جي مشهور ليکڪ ??لي محمد جيڪو ??لي بابا جي نالي سان مشهور آهي، جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب ”??لي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد ??لي سنڌي چيو ته هو پاڻ انهن خوش نصيبن ما?? آهي جنهن ??لي بابا کي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڏٺو آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب وارو صوبو آهي ۽ شيخ اياز جو ڳاڻيٽو صوبي جي عظيم جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مدد ??لي سنڌي چيو ته هن ڪتاب ۾ ??لي بابا جي شخصيت جي باري ۾ وڏو تفصيل سان لکيو آهي، ??لي بابا عظيم ليکڪ هجڻ باوجود پنهنجي عظمت کان بي خبر هو. هن چيو ته ??لي بابا جون تحريرون انساني وجود ۽ خودي جي گهرائي کي ظاهر ڪن ٿيون، ??لي بابا جي ڪمن جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ناول موئن جو دڙو ۽ ڊرامي دنگي منجهه درياءَ جهڙا شاندار ڪم ڪيا. ??لي بابا جي فن کي لازوال قرار ڏيندي مدد ??لي سنڌي اميد ظاهر ڪئي ته سندس تحريرن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو.