اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجڪاري ڪميشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ??اري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد نجڪاري معاملن ۾ ??يرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ??رميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل جو قيام عمل ۾ ??ڻڻ آهي. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل وٽ نجڪاري بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوند??. ن??ڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس کي ڏنل اختيار هاڻي نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي نجڪاري معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس تحت وفاقي ??ڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪندي. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ ??بديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل حڪومتي آرڊيننس ۾ ??پيليٽ ٽربيونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آرڊيننس تحت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نجڪاري ٽربيونل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آ?? پاڪستان وٽ هوند??. ن??ڪاري اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿ??. ن??ڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.