ملتان – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ شفاف چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون، 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون ٿينديون، اهو ف??صل?? عوام ڪندي ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو، آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، بنيادي فيصلاسازي نگران حڪومتن جو ڪم نه آهي، اهو چونڊيل حڪومت ۽ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان کي جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين حڪومت کي منتقل ڪري وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ملتان سينٽر جي 24 ڪلاڪ علائقائي نشريات جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته اسان هن وقت چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهيون، انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون ٿينديون. هن چ??و ته آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، ان عمل تائين پهچڻ جي ??اء?? منهنجي خواهش آهي ته پي ٽي وي ملتان سينٽر هن خطي جي عوام جي حقيقي مسئلن ۽ انهن جي امنگن ۽ خواهشن کي اجاگر ڪرڻ جي ??اء?? انهن جو آواز بڻجي. هن چ??و ته هن علائقي جا معاشي ۽ ثقافتي مسئلا ڪيترائي ڏهاڪا پراڻا آهن، انهن جي حل ??اء?? پي ٽي وي ملتان غيرجانبدار رهندي هن خطي جي سياسي پارٽين سميت مختلف ماڻهن جي راءِ کي پيش ڪندي. هڪ سوال تي هن چ??و ته چونڊن ۾ اصل ف??صل?? پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چونڊن ۾ عوام پنهنجي مرضي جو اظهار ڪندي ۽ ف??صل?? ڪندي ته ايندڙ حڪومت ڪير ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته خوراڪ جي تحفظ واري وزارت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي تحت زراعت جي ??اء?? ڪجهه قدم کنيا پيا وڃن، زراعت صوبائي سبجيڪٽ آهي پر ان معاملي ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪم ڪنديون. هڪ سوال تي هن چ??و ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ٿين. هن چ??و ته ملڪ ۾ ميڊيا به آزاد آهي، عدليه به آزاد اهي، چونڊ عمل صحيح طريقي سان ٿيندو. هن چ??و ته ايندڙ پارليامينٽ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي ۽ ن?? ئي ماضي جي حڪومتن تي تبصرو ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. اسان جو ڪم اهو آهي ته ملڪ جنهن حالت ۾ اسان کي مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وڃون. ان کان اڳ هن چ??و ته ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي خطي جي ماڻهن جي ??اء?? اها تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ کان پي ٽي وي ملتان سينٽر 24 ڪلاڪ نشريات شروع ڪري رهي آهي. هن چ??و ته ملتان سينٽر تان ڪجهه پروگرام سڌوسنئون نشر ٿيندا ۽ ڪجهه رڪارڊيڊ هوندا. هن چ??و ته هڪ هفتي ۾ اٽڪل 8 پروگرام حالات حاضره جا هوندا، ان کانسواءِ موسيقي، ادب، ٻارن ۽ عورتن جي ??اء?? پڻ خصوصي پروگرام پيش ڪيا ويندا. هن چ??و ته پي ٽي وي واحد براڊ ڪاسٽر آهي جنهن جي نشريات اينٽينا جي ذريعي به ڏسي سگهجي ٿي جڏهن ته ان جي نشريات ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي به موجود آهي. هن چ??و ته ڏکڻ پنجاب خطي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان کان ٻاهر رهن ٿا، پي ٽي وي ملتان جي نشريات اٽڪل 50 ملڪن ۾ سڌوسنئون ڏسي سگهبي. هن چ??و ته جڏهن هو ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو هو ان وقت اسان سرائيڪي ۾ خبرون نشر ڪرڻ جو ف??صل?? ڪيو، يوسف رضا گيلاني صاحب اهو پهريون شخص هو جنهن سرائيڪي زبان ۾ خبرن جو پهريون بليٽن پڙهيو، ان ۾ سندس تمام اهم ڪردار رهيو آهي. هن چ??و ته پي ٽي وي ملتان وٽ 24 ڪلاڪ نشريات جي صلاحيت اچي چڪي آهي جيڪا نه رڳو خطي جي ثقافت، علم ۽ ادب ۽ زبان کي فروغ ڏيندي پر هتان جي عوام جي اصل مسئلن ۽ انهن جي معاشي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ جي ??اء?? پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي.