اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش صحت جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? صحت جي عالمي اداري سان حصيداري وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صحت جي عالمي اداري جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پ??لي??ا مهيپالا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي ??اء?? گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيادي صحت جو نظام مضبوط بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو. صدر گهر جي سطح تي ذهني صحت جي اهميت ۽ شروعاتي مشاورت بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? ذهني صحت جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پ??لي??ا مهيپالا پاڪستان جو صحت جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو پاڪستاني عوام جي صحت بهتر بڻائڻ جي ??اء?? تعاون جاري رکندو. صدر چيو ته ذهني صحت ت?? معاونت جو نظام قائم ڪرڻ، معياري ذهني صحت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي ??اء?? ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي ??اء?? گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پ??لي??ا مهيپالا بريسٽ ڪينسر، ذهني صحت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن سميت صحت جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صدر ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. صدر پاڪستان جي صحت جي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ جي ??اء?? ڊاڪٽر پ??لي??ا مهيپالا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.