اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تائين ڪ??مير عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ڄمون ڪ??مير جي 76هين يومِ تاسيس جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر تي 1947ع جي آزاد ڄمون ڪ??مير رياست جي قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪ??مير جي آزاديءَ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اسپيڪر آزاد ڪشمير جي شهيدن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ان شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ آزاد ڪشمير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آزاد ڄمون ڪ??مير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ ج??هو??ي سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪ??دار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي سفارتي حمايت سان آزاد ڪشمير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي سطح تي اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي معاهدن مطابق ڄمون ڪ??مير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪ??مير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.