اسلام ??باد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ?? ڪشمير جو 76 هون يوم تاسيس 24 آڪٽوبر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو جنهن جي لاءِ ڀرپور تياريون جاري آهن. اهو ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر 1947ع تي آزاد ڄمون ?? ڪشمير رياست جي قائم ٿيڻ جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ?? ڪشمير جي آزادي تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ويندو. ڏينهن جي شروعات رياستي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ 21 توپن جي سلامتي سان ٿيندي. مسجدن ۾ پاڪستان جي خوشحالي ۽ والاريلڪشمير جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون. ان ڏينهن جي مناسبت سان آزاد ڄمون ?? ڪشمير جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ خصوصي تقريبون، پرچم ڪشائي ۽ دعائيه تقريبون منعقد ڪيون وينديون. آزاد ڄمون ڪشمير ۽ جو صدر، وزيراعظم، آزاد ڄمون ?? ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جا ميمبر ۽ ٻيا ڪشميري اڳواڻ ان موقعي تي مختلف تقريبن کي خطاب ڪندا. ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جي شهيدن ۽ هيروز کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو ۽ انهن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن نه وسارڻ جو وچن ڪيو ويندو. هي ??ينهن غازي ملت سردار محمد ابراهيم خان جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ پهرين انقلابي حڪومت جي قيام جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. سردار ابراهيم پنهنجي سرينگر رهائشگاهه تي 1947ع ۾ ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي قرارداد منظور ڪندڙ تاريخي اجلاس جي صدارت ڪئي. آزاد ڄمون ?? ڪشمير جو علائقو هن سرزمين جي فرزندن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. آزاد ڄمون ?? ڪشمير هڪ خودمختيار رياست آهي جنهن جو پنهنجو وزيراعظم، صدر، هڪ جدا جهنڊو آهي. گذريل 76 سالن ۾ آزاد ڪشمير ۾ زندگي جي اٽڪل هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. پاڪستان جي حڪومت پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان حڪومت جي سفارتي حمايت سان آزاد ڄمون ?? ڪشمير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي آزادي جيجدوجهد خاص طور تي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي معاهدن موجب ڄمون ?? ڪشمير جنهن کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو، هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڀارت ڄمون ?? ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي.