پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگران وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه جي امن امان جي تازي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگران وزيراعظم کي صوبي کي د??پي?? مالي مسئلن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چ??و ته حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چ??و ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي. نگران وزيراعظم زور ڏئي چ??و ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سان ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم چ??و ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي لعنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چ??و ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه کي د??پي?? مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چ??و ته صوبي جي مالي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان، نگران صوبائي وزير سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگران وڏي وزير جي صلاحڪارن ڊاڪٽر رياض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگران وڏي وزير جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.