اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??نڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عرفان سعادت خان جي بطور وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 196 تحت ڏني. موجوده چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ 2 آڪٽوبر تي عهدي تان رٽ??ئر ٿي ويندو.