اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ ??وه??ه ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ ??وه??ه ڪميونٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران وزيراعظم کي پنهنجي والد ۽ ??وه??ه ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي ز??ر ڏنو. نگران وزيراعظم سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ ??وه??ه ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ ??وه??ه ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ ??وه??ه ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران وزيراعظم کي ??وه??ه ڪميونٽي جي مخ??لف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزيراعظم ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي ??وه??ه ڪميونٽي سان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.