اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، ??جلي چوري، ??خيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي، ??تي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون ب?? حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي چوري، ??خيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته نگران ??ڪومت گورننس جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي، ??خيره اندوزي، مهانگائي ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان ??وبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آهي پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان ??ي اقتصادي صحت جي حوالي سان قدم جاري رهندا. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ??خيره اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻي ۽ بجلي جي حوالي سان ??يڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ??ڳ ۾ اها خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جو ڪم آهي، ??ن رجحان کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ??يوروڪريسي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪندا ۽ گورننس جي لاءِ جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون ب?? حاصل ڪيون وينديون، جيڪو هڪ بهترين ۽ منظم ادارو آهي، ??ن سان گڏوگڏ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو، جيڪو وقت جي ضرورت آهي، ??ول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي سان ??نهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ۾ بهتري ايندي. نگران وزيراعظم ادارن کي پنهنجي اپروچ بهتر بڻائڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چئني صوبن ۾ حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز ب??ترين ڪم ڪري رهيا آهن، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي خلاف خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بهترين قدم کنيا ويا آهن، آءِ بي جو ان ??والي سان ??مام اهم ڪردار آهي، هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان ??والي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.