اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ??يو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته گذريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني ا??نڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ا??ل آئي) جنهن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ا??ل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ا??ل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن ??يو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪيون وينديون جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ۽ پي ڪي ا??ل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي ا??هن جي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن ??يو ته اسان گڏجي پي ڪي ا??ل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.