لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ڪ??ني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پاڪستان ڪ??ني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ هيپاٽائٽس سي آگاهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي ڀليڪار چوان ٿو، پي ڪي ايل آءِ 2015ع ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، يونيورسٽي جي قيام هڪ وڏو منصوبو آهي، 2018ع ۾ پي ڪي ايل آءِ جي پڄاڻي ٿي، پروفيسر سعيد اختر پي ڪي ايل اءِ لاءِ گهڻي محنت ڪئي، ڊاڪٽر سعيد جي سربراهي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته امير ۽ غريب ۾ بنا فرق جي پي ڪي ايل آءِ ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مريضن لاءِ پي ڪي ايل آءِ هڪ اميد جي ڪرڻو آهي، پي ڪي ايل آءِ کي جديد خطوط تي عالمي معيار جي مطابق بڻايو ويو. هن چيو ته هيپاٽائٽس جي رو??ٿام لاءِ وفاق صوبن کي ف??ڊز فراهم ڪندي. ان قدمن جو مقصد مريضن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، سرندي وارا به ف??ڊز ۽ دوائون اداري کي فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آءِ جي ڊاڪٽرز ۽ عملو بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هيپاٽائٽس جي رو??ٿام لاءِ آگاهي مهم گهڻي ضروري آهي، پي ڪي ايل لاءِ ٽرسٽ ف??ڊز ۾ 15 ارب روپيا گڏ ٿيا آهن.