اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ سم??ت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر اليڪشنز (ٻي ترميم) بل 2023ع جي منظوري ڏني آهي. بل جو مقصد اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ب?? 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد ايئرپورٽس جي ب??تر انتظام، آپريشن ۽ ترقي ۽ ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو قيام آهي. صدر ٽنهي ب??ن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.