اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون اڄ جمعي ڏينهن پاڪستان جي اٺين نيوڪليئر ??اور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر ر??يو ۽ اهو چشما تي ٺهندڙ پنجون يونٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو 1200 ميگاواٽ جو منصوبو پنهنجي پڄاڻي تي قومي گرڊ کي صاف ۽ سستي بجلي فراهم ڪندو. هن چيو ته ملڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ حڪومت پنهنجو ڌيان متنوع انرجي مڪس تي ڏئي رهي آهي ۽ نيوڪليئر ??اور اسان جي ڊگهي مدي واري انرجي سيڪيورٽي حڪمت عملي جو ??صو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هر شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل مدد تي چين ج?? ٿورائتا آهيون. ٻين شعبن وانگر جديد نيوڪليئر ??اور پلانٽس قائم ڪرڻ ۾ چين جو تعاون اهم آهي.