اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي ۽ فرض جي ادائيگي جي ??اءِ قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافي جي ??اءِ سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪي??ن وينديون، پوليس لائينز ۾ اسپتال جي تعمير سان پوليس جي جوانن ۽ انهن جي خاندانن کي مفت علاج جي سهولت ملندي، شهداءِ ڪاليج جي تعمير سان پوليس جوانن جي ??ارن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، پوليس اهلڪارن جي ??اءِ لاء اينڊ آرڊر الائونس تي پهرين جولاءِ کان عملدرآمد شروع ٿيندو، ڊولفن پوليس قائم ڪرڻ جي ??اءِ ٺوس پروگرام جوڙيو ويندو ۽ ترڪيه جي تعاون سان تربيت ڏني ويندي، سفارش، رشوت ۽ برادري ازم سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان جو معيار قابليت ۽ ميرٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس لائينز ۾ 100 بسترن جي اسپتال، شهداءِ ماڊل ڪاليج ۽ ايس پي يو اينڊ ڊولفن هيڊڪوارٽرز جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. وزيراعظ?? چيو ته اسلام آباد پوليس گزريل هڪ سال ۾ ڪارڪردگي، ذميواري ۽ فرض جي ادائيگي قوم جي امنگن موجب ادا ڪئي، قوم کي فخر آهي ته انهن عوام جي حفاظت جي ??اءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪي?? ۽ ڪنهن به خوف کي خاطر ۾ نه آندو، پوليس جا جوان شه??د ۽ زخمي ٿيا پر پنهنجي ??رض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي جنهن کي ساراهيون ٿا، آٰءِ جي ??وليس بهادر فورس جي سربراهي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 100 بسترن تي ٻڌل نيشنل پوليس اسپتال جي ??يڙهه جو پٿر رکيو آهي، اهڙي طرح جي اسپتال سڄي ملڪ ۾ پوليس اهلڪارن جي خاندانن جي علاج جي ??اءِ ٺهڻ گهرجن، اهي جوان پنهنجي رت سان اسان سڀني جي حفاظت ڪن ٿا، اسان جو فرض آهي ته انهن جي ۽ انهن جي خاندانن جي علاج جي ذميواري پوري ڪريون. هن چيو ته هن اسپتال جي جلد کان جلد تعمير جو خواهشمند آهيان، هن اسپتال جي تعمير سان پوليس جوانن ۽ انهن جي خاندانن کي مفت علاج جي سهولت ملندي. هن چيو ته قوم کي اميد آهي ته ملڪ خاص طور تي اسلام آباد ۾ چورن، ڦرن ۽ قاتلن کي قانون جي ??ڪڙ ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به شيءَ جي ??رواهه نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس اهلڪار پنهنجي الله کي راضي ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي ??رضن جي ادائيگي ڀرپور طريقي سان ادا ڪندا، ڊولفن قائم ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي تيار ڪي?? وڃي، اسلام آباد جي ڊولفن فورس ترڪيه جي تعاون سان قائم ڪنداسين، اها ڊولفن فورس پوري ملڪ جي ??اءِ ماڊل هوندي، ڊولفن فورس جي جوانن کي تربيت جي ??اءِ ترڪيه موڪليو ويندو ۽ ترڪيه جي انسٽرڪٽر کي تربيت جي ??اءِ گهرايو ويندو، ان حوالي سان ٺوس پروگرام جوڙيو ويندو، گهرو وزير ان جو فوري طور تي منصوبو تيار ڪري. هن چيو ته شهداءِ ڪاليج جي تعمير سان پوليس جوانن جي ??ارن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، پوليس اهلڪارن جي سهولت لاءِ گهرو وزير جا قدم ساراهه جوڳا آهن، شه??دان جي ??ارثن کي رهتن جي ادائيگي سميت ٻيا قدم اسان جو فرض هو، لاء اينڊ آرڊر الائونس تي پهرين جولاءِ کان عملدرآمد شروع ٿيندو، ان تي ناڻي واري وزير سان ڳالهه ڪندس. هن چيو ته پوليس جوان مايه ناز قوم جا محافظ آهن، پنهنجي ??رض جي ادائيگي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪندا، ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافي جي ??اءِ سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪي??ن وينديون، مشڪل صورتحال جي باوجود ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظ?? چيو ته اسلام آباد پوليس ۾ 2 هزار نوجوانن جي ??يرٽ تي ڀرتي خوش آئنده آهي، سمورن شعبن ۾ ميرٽ ۽ قابليت تي ڀرتيون ٿيڻ گهرجي ??وءِ ان قوم جو رستو ڪير به نه ٿو روڪي سگهي، سفارس، رسوت ۽ برادري ازم سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان جو معيار قابليت ۽ ميرٽ آهي، انهي سان قومون ٺهنديون آهن، ان سان پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو ۽ پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهيندو. ان موقعي تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف اسلام آباد پوليس لائينز ۾ 100 بسترن تي ٻڌل اسپتال، شهداءِ ماڊل ڪاليج ۽ ايس پي يو اينڊ ڊولفن فورس هيڊڪوارٽرز جي ??يڙهه جو پٿر رکيو. ان کان اڳ وزيراعظم م??مد شهباز شريف پوليس لائينز ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. آءِ جي اسلام آباد پوليس ناصر اڪبر دراني وزيراعظم کي پوليس شهداءِ ۽ انهن جي ??ربانين بابت آگاهه ڪي??. وزيراعظم گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪي??. وزيراعظم کي پوليس جي دستي سلامي ڏني. تقريب کي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ آءِ جي اسلام آباد ناصر اڪبر دراني پڻ خطاب ڪي??. ان موقعي تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.