اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم مح??د شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهادت ماڻيندڙ نائب صوبي??ار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، سپاهي جهانگير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيرا??ظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيرا??ظم مح??د شهباز شريف چيو ??ه انهن بهادر جوانن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کان بچ??يو?? پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ??ه اسان جي هٿياربند فوج جا بهادر جوان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ جي آبياري ڪري رهيا آهن.