اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جون عام چ??نڊون 30 اپريل 2023ع (آچر) تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي عام چ??نڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پولنگ جي تاريخ 30 اپر??ل کان 7 مئي 2023ع جي وچ ۾ تجويز ڪئي هئي ۽ وڌيڪ تجويز ڏني هئي ته چونڊون ترجيحي طور تي آچر تي ڪرايون وڃن.