اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي تنوير احمد شهيد جي والد کي ٽيليفون ڪري ساڻس تعزي?? جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سپاهي تنوير احمد 5 فيبروري تي موسيٰ چيڪ پوسٽ ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر شهيد ۽ ان جي خاندان جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي خدمتن ۽ ق??م جي ل??ءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر فرض جي ادائيگي ۾ شهادت ماڻڻ، وطن جي ل??ءِ قرباني تي شهيد کي سلام پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ وطن جي خاطر قرباني ڏيڻ تي قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.