اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغان با??ڊر فورسز پاران چمن ۾ اشتعال انگيز گولاباري ۽ فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت يقيني بڻائي ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جي با??ڊر فورسز پاران چمن ۾ اشتعال انگيز گولاباري ۽ فائرنگ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪ??ترائي پاڪستاني شهري شهيد ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اهو واقعو بدقسمتي ۽ سخت مذمت جوڳو آهي. هن افغان عبوري حڪومت کي چيو ته اها اهو يقيني بڻائي ته اهڙا واقعا ورجايا نه وڃن.