اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ بابت وفاقي وزير ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي ماحولياتي تبد??لي جي حوالي سان پيش ا??ندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪلائمينٽ فائنانس بابت ٽائمز لائنز مقرر ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن شرم الشيخ ۾ ڪاپ 27 ۾ پاڪستان پويلين ۾ ”دي لاسٽ اينڊ ڊي ڊيميجڊ“ جي عوام سان سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبد??لي جي حوالي سان پيش ا??ندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، ڪاپ 27 ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته ماحولياتي تبد??لي سان نقصان جو ازالو اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان عالمي پل??ٽ فارم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر ملڪ کي ويٽو جو حق حاصل آهي، اسان جو مطالبو آهي ته گلوبل نارٿ گلوبل سائوٿ کان اڳيان وڌي فوري قدمن جو تعين ڪريون جيڪو ماحولياتي خطرن کي نئين فرنٽ لائن جي چائنٺ تي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته دنيا پنهنجي عملي قدمن کي يقيني بڻائي.