اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هڪ سال ۾ 5 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي سهولتون فراهم ڪندي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن کي کولڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ان کي ملڪ جو هڪ مضبوط شعبو بڻائڻ جي لاءِ درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون سهولتون ۽ پاليسي مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقي لاءِ هڪ ڀرپور حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ آءِ ٽي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي توسيع ۽ ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي هڪ سال جي اندر 5 بلين ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انڊسٽري ليڊرز جي مشاورت سان هڪ ٺوس پئڪيج جي ذريعي پنهنجو ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيرا??ظم ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊ??ر کي چيو ته هو واشنگٽن مان واپسي تي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪري ۽ پاليسي سفارشون جوڙي. وزيرا??ظم چيو ته هي منصوبا آءِ ٽي ٽريننگ ۽ انڪيوبيشن سينٽرز، ڪال سينٽرز، ٽيلڪوز، خودمختيار ٽيڪنالاجي پارڪس (ايس ٽي پي)، سافٽ ويئر هائوسز ۽ فري لانسنگ جي ڪم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاري آهن ته جيئن ان اميد جوڳي سروس سيڪٽر کي تيزي سان ترقي ڏئي سگهجي. وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٽڪل 40 هزار آءِ ٽي پروفيشنلز جي افرادي قوت سان پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي. اها 2.6 بلين ڊالر جي سالياني آءِ ٽي روانگي واپار سان فري لانسرز جي چوٿين سڀ ??ان وڏي مارڪيٽ ۽ ايمازون تي سڄي دنيا ۾ ٽيون سڀ ??ان وڏو ري سيلر آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ موبائي?? فون مينوفيڪچرنگ جي صلاحيت سان ان جا اٽڪل 195 ملين موبائي?? فون صارفين آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان جي مڪمل تر??ي جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان کي دنيا ۾ آءِ ٽي آئوٽ سورسنگ حب طور پيش ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي برآمدات جي سمورن امڪاني جاين خاص طور تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي خطي ۾ ان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀرپور مارڪيٽنگ مهم جي سخت ضرورت آهي. وڌيڪ اهو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ ايس اي سي پي جي ضابطن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج پڻ وقت جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي فروغ ۽ تر??ي جي لاءِ امڪاني قدم کڻن. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊ??ر، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شيزه فاطمه خواجه، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.