سکر -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چي?? آهي، ته ??اڪستان ۾ هاڻوڪين برساتن سبب بن?? شڪ جي قيمتي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهت?? آهي، پر اميدون زنده آهن ۽ اميدن کي ڪو به نقصان نه ٿي?? آهي، اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي جي تباه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي سکر پهچڻ تي بريفنگ وٺڻ کان پوءِ پنهنجي مختصر خطاب ۾ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو ته ??ن ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو پاڻ جائزو ورت?? آهي، هاڻوڪي برسات سبب بن?? شڪ جي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهت?? آهي، پر اميدون زنده آهن، اميدن کي ڪو به نقصان نه پهت?? آهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين انسانيت، فطرت تي حملو ڪيو ته ??طرت ٻوڏ ۽ غيرمعمولي موسمياتي تباهي جي صورت ۾ جوابي حملو ڪند?? آهي، موسمياتي تبديلين ۽ ان سان ٿيل نقصانن کان بچڻ لاءِ اسان کي ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ فوري طور 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ??احولياتي تبديلي جي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري ۽ ادارن کي قدرتي آفتن ۽ ان سبب ٿيل تباهي ۽ نقصان جي ازالي لاءِ پاڪستان جي دل کولي مدد ۽ معاونت جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ??اڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 50 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، حالانڪه ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نقصان ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، انهي جي روشني ۾ انصاف جي تقاضا آهي، ته ان کي وڌ کان وڌ امداد ۽ مدد ڏني وڃي، ته جيئن هو ماحولياتي تبديلين سبب ٿيل نقصان لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچو قائم ڪري سگهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومون ۽ ان جا ادارا پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جا وسيلا محدود آهن، اسان پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون، اسان جيڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا اهو ڪنداسين. سيڪريٽري جنرل چيو ته ??احولياتي تبديلين جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ عالمي ادارو پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندو، اسان عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن کي درخواست ڪيون ٿا، ته ??و پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر آبادي جي لاءِ اڳتي اچن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ ٿيل نقصانن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعليٰ سنڌ ٻڌايو ته ??اڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن، پر جيڪي چئلينج اسان کي موجود آهن، اهي تمام وڏا اهن. هن وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ 6-6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، امداد ۽ بحالي لاءِ اسان کي کربين رپيا گهربل آهن جڏهن ته اسان جا وسيلا محدود آهن. هن بڌايو ته ??وڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ اسان کي وڌيڪ خيمن، مڇر مار ا??پري ۽ ٻين امدادي شين جي ضرورت آهي.