اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان جو مجموعي انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن سميت 4 مختلف چئلينجز آڏو آهن، عالمي برادري ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان جلد انهن چئلينجن تي قابو پائي وٺنداسين. وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي دؤري کان اڳ ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو لڳائينداسين، هاڻوڪي ٻوڏ سان ملڪ جو ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کان وڌيڪ ان ٻوڏ ۾ نقصان ٿيو آهي، سنڌ جو وڏو حصو اڃا به پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ سبب اسلام آباد کان ڪراچي ريلوي آپريشن معطل آهي. هو نيشنل فلڊر ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??نتونيو گوتريشن جي دؤري جي موقعي تي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وفاقي ڪابينه جا ميمبر نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ??فر اقبال پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفاقي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??ي پاڪستان واري دؤري جي آجيان ڪندي چ??و ته پاڪستان جي هن مشڪل وقت ۾ عالمي برادريءَ کي اوهان جي پيغام سان اسان کي حوصلو مليو آهي، دنيا ان تي بيدار ٿي آهي. هن چ??و ته هن وقت موسمياتي ڊزاسٽر کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، 2010ع جي ٻوڏ ۾ 20 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا، هاڻوڪي ٻوڏ ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايڏو وڏو سانحو ٿيو آهي. هن چ??و ته اسان کي چئن چئلينجز جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان ۾ پهريان نمبر تي هي آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب اسان جي انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي، روڊ، رستا، ريلوي، آبپاشي نظام، اسپتالون، واٽر اينڊ سيني ٽيشن، اسڪول، بجلي ۽ گيس ٽرانسميشن لائينن سميت بنيادي ڍانچو تباهه ٿيو آهي. هن چ??و ته ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي ماهرن، رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت سان گڏ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اسٽڊي شروع ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبليءَ جي دؤري کان اڳ نقصانن جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي ويندي، تفصيلي رپورٽ 4 کان 6 هفتن ۾ تيار ٿي ويندي. اسان کي ٻيو چئلينج روزگار جي ذريعن کي نقصان پهچڻ آهي، اسان جا فصل، باغ ۽ ايندڙ فصلن لاءِ ٻج تباهه، هڪ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال جي مرڻ سبب ٿيو آهي. هن چ??و ته اسان جو چئلينج انهن متاثر 33 ملين ماڻهن کي واپس آسانيءَ واري ماحول ۾ آڻڻ آهي. هن چ??و ته ان ٻوڏ سبب اسان جي 3 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ م??اثر ٿي آهي، اسان اڳ ئي مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته هي سينٽر سول، ملٽري، وفاقي صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان ملي ڪري ريسڪيو، رليف آپريشن لاءِ مربوط تعاون يقيني بڻائي رهيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان قوم باهمت آهي جنهن موسمياتي چئلينجن جو مقابلو ڪيو آهي، اسان دوست ملڪن جي تعاون سان جلد آسانيءَ واري ماحول ۾ اچي وينداسين. هن چ??و ته اسان ان سينٽر ۾ ڏهاڙي بنيادن تي ٻوڏ جي صورتحال ۽ رليف آپريشنل جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ان موقعي تي نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ??فر اقبال بريفنگ ڏيندي ٻُڌا??و ته سنڌ صوبي ۾ 600 ملي ميٽر برساتون پيون جيڪي 500 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ هنڌ تي اهي برساتون رڪارڊ ٿيون آهن، پاڪستان کي 2005ع جي زلزلي ۾ 5.2 ملين ڊالر ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ 43 بلين ڊالرن جو نقصان ٿيو هو. هن چ??و ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، لکن جي تعداد ۾ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، اسلام آباد کان ڪراچي ريلوي ٽريڪ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي. هن چ??و ته ايندڙ هفتي سنڌ ۾ حالتن ۾ لاڳيتو بهتري ايندي، سنڌ ۾ ريسڪيو آپريشن اڃا به جاري آهي. هن چ??و ته پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ پاڻي وڌيڪ آهي، گلگت ۽ آزاد ڪش??ير ۾ ماضيءَ ۾ وڌيڪ برساتون ٿينديون رهيون پر ان ڀيري گهٽ برساتون ٿيون آهن. منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش برقرار آهي. هن چ??و ته ان سينٽر ذريعي سمورن اسٽيڪ هولڊرز، صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج مربوط ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته گڏيل قومن، آمريڪا، چين، گڏيل عرب امارتن سميت دوست ملڪ رليف سرگرمين لاءِ مدد ڪري رهيا آهن جن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون.