راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدا??ي سرگرميون جاري آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ راشن ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدا??ي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. هن وقت تائين 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي آفت سٽيل علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 147 ريلي?? ڪيمپون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن. هن وقت تائين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏي??هن تائين جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان وڌيڪ خوراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ويون آهن.