اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ ??وج جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري، متاثر علائقن مان 50 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق ڪي پي ڪي لاءِ آرمي فلڊ ڪنٽرول هيلپ لائن 1125 ۽ ٻين علائقن لاءِ 1135 هيلپ لائن فعال آهي، شهري ڪنهن به مدد لاءِ ايمرجنسي نم??رن تي رابطو ڪري سگهن ٿا. پاڪ ??وج جي 157 هيليڪاپٽرز 1087 ??اٿل ماڻهن کي ڪڍيو. آرمي ايوي ايشن ذريعي 72 ٽن امدادي سامان پهچايو ويو، ??ڏهن ته متاثر علائقن مان 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. مختلف ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ـ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ امدادي سامان جمع ڪرڻ لاءِ 221 رليف پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. انهن پوائنٽس تي 1231 ٽن امدادي شيون جنهن ۾ غذائي شيون ۽ دوائون شامل آهن جيڪي متاثر علائقن کي پهچايون پيون وڃن. ايف ڊبليو او نيشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان ملي ڪري قراقرم هاءِ وي ۽ جگلوٽ اسڪردو روڊ کي وقت سر بحال ڪيو. س??ڌ ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن کي وڌائڻ لاءِ اضافي انجنيئر ۽ طبي عملو ڪراچي منتقل ٿي ويو آهي.