اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب جلال پور پير والا انٽر چينج ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي گه??ي ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱا??ي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ واري ??فاقي وزير فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هن المناڪ حادثي تي هر اک آلي آهي. وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا درجا بلند فرمائي. وفاقي وزير حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.