اسلام آباد – 26 – ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سينيٽر سردار شفيق تر??ن، سينئر نائب چيئرمين پختونخوا ملي عوامي پارٽي عبدالرحيم زيارت ??ال ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي صوبائي صدر عبدالقهار ودان موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ تر??ي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.