اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم ميان ??حمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردا??ي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ??لاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سرد??ر اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان ??ڻ ملاقاتون ڪيون. شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ وو?? ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي قائدين سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم م??او??ت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، م??او??ت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.