اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لا??ِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچست??ن ۾ وڏي پئماني تي سيڙ??ڪا??ي شروع ٿيندي جنهن سان بلوچست??ن ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چاغي ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻين جي ترقي بابت ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني (ٽي سي سي) سان ڊگهي عرصي کان جاري ريڪوڊڪ تڪرار کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ ڪئناڊا جي بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نئين معاهدي تي آچر ڏينهن وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت جي نمائندن ۽ بيرڪ گولڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر مارڪ برسٽو جي قيادت ۾ وفد صحيحون ڪيون. نئين معاهدي جي شرطن موجب بيرڪ گولڊ ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستاني ادارن سان حصيداري ۾ بحال ۽ تيار ڪندي. منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ ڪمپني جو 50 سيڪڙو حصو هوندو. باقي 50 سيڪڙو حصيداري پاڪستان جي ملڪيت هوندي جيڪا وفاقي ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ برابر طور ورڇ ٿيندي. معاهدي تحت وفاقي حڪومت جي 25 سيڪڙو حصيداري کي وفاقي حڪومت جي ٽن سرڪاري ڪاروباري ادارن (ايس او ايز) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل)، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ گورنمينٽ هولڊنگز پاڪستان لميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۾ برابر ورهايو ويندو. بلوچستان جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو جنهن جي مڪمل ملڪيت ۽ ڪنٽرول بلوچستان حڪومت وٽ هوندو. بلوچستان جي لا??ِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب منصوبي ۾ بلوچستان حڪومت جي حصي جو سرمايو ۽ آپريٽنگ خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي يعني ٻين لفظن ۾ بلوچستان حڪومت کاڻين جي ترقي تي ڪو مصارف ادا نه ڪندي ۽ ان حوالي سان خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بلوچست??ن ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي سيڙ??ڪا??ي ڪئي ويندي، جنهن ۾ رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ کاڻيون کوٽڻ جي لا??ِ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي جوڙجڪ جهڙن سماجي ترقي جي منصوبن جي لا??ِ 1 ارب ڊالر جي سيڙ??ڪا??ي به شامل آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ سيڙ??ڪا??ي سان 800 کان وڌيڪ نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان سان بلوچستان پاڪست??ن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي مان وڌيڪ فائدو کڻندڙ صوبو بڻجي ويندو، ريڪوڊڪ منصوبو دنيا ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻيون کوٽڻ جي سڀ کان وڏن منصوبن مان هڪ هوندو. ملڪ جي معدني دولت جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ حڪومت سميلٽر (خام ڌات کي پگهرڻ وارو ڪارخانو) قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي. هي معاهدو گذريل ٽن سالن دوران ڳالهه ٻولهه جي ڪيترن ئي دورن کانپوءِ طئي ٿيو آهي. آگسٽ 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان معدنيات جي کاڻين جي جلد ترقي جي مقصد تحت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي لا??ِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان ڪوشش ۾ عالمي صلاحڪارن جي مدد حاصل هئي. حڪومت ان معاملي کي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آڏو پڻ پيش ڪندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته معاهدو سمورن قانونن موجب ط??ي ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لا??ِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سيڙ??ڪا??ي سان بلوچست??ن ۾ وڏي پئماني تي سيڙ??ڪا??ي شروع ٿيندي جنهن سان بلوچست??ن ۾ عام شهرين جو معيار زندگي بدلجي ويندو. وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي لا??ِ شفاف ۽ سازگار معاهدو ڪرڻ تي ڳالهين واري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي. پاڪست??ن ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور پڻ ان موقعي تي موجود هو.