اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي او آءِ سي جي 48 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزيرن جي استقبال لاءِ مهمانداري وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ 22 ۽ 23 م??رچ تي او آءِ سي جو اهم اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي. او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير آچر جي ٽ??هر نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد پهچڻ شروع ٿيندا. مهمانداري وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪندو.