??سل??م آباد– 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان اي آر وائي ڊجيٽل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر (سي اي او) سلمان اقبال پاران سندس درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي تي واکاڻ ڪئي آهي. جمعي ڏينهن ٽوئيٽر تي پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منه??جي درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ ملازمن جون پگهارون وڌائڻ تي آئون اي آر وائي ڊجيٽل نيٽ ورڪ جي سي اي او ۽ صدر سلمان اقبال جو ٿو??و ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻين ڪمپنين کي به اپيل آهي ته جن گذر??ل سال دوران رڪارڊ منافعو ڪيو آهي اهي به پنه??جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.