اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي س??احتي رابطن واري خصوصي صلاحڪار اعظم جميل سان ڳالهائيندي ڪئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دوران سياحت جي فروغ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چيو ته ڪ??رو??ا جي ڪري جتي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي س??احت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو، ڪ??رو??ا جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ٻيهر سياحت طرف متوجهه ٿي ره??ا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي س??ولتون فراهم ڪري ره??ا آهيون، منهنجو اسپين جي دوري دوران گڏيل قومن جي س??احت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ??ي او) جي س??ڪريٽري جنرل سان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي رابطن وارو خصوصي صلاحڪار اعظم جميل پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏيهي وزارت جي مدد سان هڪ جامع قومي س??احتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.