اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مسلمان نوجوانن کي اسلام جو پيغام ڏيندي معاشري جي اخلاقيات ۽ قدرن جو معيار بلند ڪيو وڃي، اسلامي اسڪالرز پنهنجي تهذيب، مذهب ۽ تاريخ تي فخر ڪندي نوجوانن جي روحاني ۽ اخلاقي تربيت تي زور ڏنو ??هي. وزيراعظم عمران خان قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ مديني جي رياست، اسلام، معاشري ۽ اخلاقي بيداري جي موضوع تي مڪالمي جي ٻي ويهڪ جي ميزباني ڪئي، مڪالمي کي جارج واشنگٽن ??ون??ورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد ح??ن نصر، زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر حمزه يوسف، ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم، ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊاڪٽر چندرا مظفر، ڊاڪٽر عثمان باقر، ابن خلدون ??ون??ورسٽي ترڪيءَ جي ريڪٽر ڊاڪٽر رجب شنتڪ، گڏيل عرب امارات جي فتويٰ ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله بايا پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مسلمان نوجوانن کي اسان کي اسلام موجب پيغام ڏيڻو آهي، هر مهيني يا ٻئي مهيني اهڙي قسم جي هڪ ويهڪ جو اهتمام ڪنداسين جتي اسان موجود دور جي مسئلن بابت ڳالهه ڪر??ون جيڪي اسلامي دنيا جا تمام اهم آهن ۽ اتي اسلامي اسڪالرز جي خيالن مان فائدو کڻون. وزيراعظم چيو ته منهنجو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جي پٺيان اهو ئي تصور هو ته حضرت محمد ﷺ جي سيرت جي ذريعي اسان مسلمان کي متحد ڪريون، اسان پنهنجي معاشري جي اخلاقيات ۽ قدرن جو معيار بلند ڪر??ون جهڙوڪ مديني جي رياست ۾ اسان جي پيغمبر ﷺ 15 سئو سال اڳ ڪيو هو. جارج واشنگٽن ??ون??ورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد ح??ن نصر چيو ته انساني وجود کي ڪيتر??ون مشڪلاتون درپيش آهن، غيرسنجيده ماڻهو اسلام تي ڳالهه ڪن ٿا، اسان کي ڳالهه ٻولهه کان وڌيڪ عمل جي ضرورت ??هي. هن چيو ته اسلام موجوده دور جي فوري نوعيت جي مسئلن جو حل پيش ڪري ٿو. زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر حمزه يوسف چيو ته خواهش جو حد کان وڌي وڃڻ معاشري کي نقصان پهچائي ٿو، الله اسان کي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي ذميواري ڏني آهي، اسان کي نوجوانن ۾ عورتن جو احترام پيدا ڪرڻ جي سوچ اجاگر ڪرڻي پوندي، نيڪ ماڻهو ئي عورتن جي عزت ڪن ٿا. ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم مراد چيو ته عورتن کي هراساني سميت مختلف ڏوهه درپيش آهن، آزاد خيال ماڻ??و ڪنهن شيءَ کي سينسر نه ٿا ڪرڻ چاهين. ابن خلدون ??ون??ورسٽي ترڪي جي ريڪٽر ڊاڪٽر رجب شنتڪ چيو ته نوجوانن کي اخلاقيات اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جدت پسندي، آزاد خيال جو خطرو موجود آهي، اسان کي پنهنجي ماضي کي محفوظ بڻائڻو پوندو. ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊاڪٽر چندرا مظفر چيو ته نوجوانن کي پنهنجي تهذيب، مذهب ۽ تاريخ تي فخر هجڻ گهرجي. ملائيشيا جي ??ون??ورسٽي آف ملايا جي پروفيسر ڊاڪٽر عثمان باقر چيو ته نوجوان سمجهن ٿا ته اسلام کي محدود ڪيو ويو آهي، بين المذاهب هم آهنگي جو هجڻ لازمي آهي، هن وقت روايتي ۽ جديد تعليم يافته حلقن ۾ مقابلو ??هي.